پاڪستانسنڌ

ڀان-سيوهڻ ريلوي ٽريڪ 3 مهينن بعد بحال

ڀان سيدآباد: ڀان سيدآباد کان سيوهڻ تائين ريلوي ٽريڪ کي 15 مختلف هنڌن تان لڳل ڪٽ نيٺ ساڍن ٽن مهينن کانپوءِ بند ٿي ويا آهن، ريلوي اختيارين ۽ ضلعي انتظاميا ڄامشورو پاران منڇر ڍنڍ جي ٻوڏ کانپوءِ ٻوڏ جو پاڻي سنڌو درياهه ۾ نيڪال ڪرڻ لاءِ ڀان کان سيوهڻ تائين مختلف هنڌن تي ريلوي ٽريڪ کي ڪٽ ڏنا ويا هئا، جنهن جي ڪري ڀان کان سيوهڻ تائين 24 ڪلوميٽر ريلوي ٽريڪ متاثر ٿيو هو، جڏهن ته لڪي شاهه صدر ۽ ڀڳي ٽوڙي واري جبل وٽان برساتن دوران جبل جا پٿر ريلوي ٽريڪ تي ڪرڻ سبب پٽڙي متاثر ٿي هئي. جڏهن ته آراضي، بوبڪ، شيخ، ڳنڀير، بالو لاشاري ۽ ٽالپر سميت ٻين مختلف هنڌن تي ضلعي انتظاميا 15 ننڍا توڙي وڏا ڪٽ ڏئي ٻوڏ جي پاڻي کي درياهه ۾ ڇوڙ ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ريلوي جي اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر محمد نعمان خان ٻڌايو ته ڀان کان سيوهڻ تائين 15 ڪٽ ڏنا ويا هئا، جن کي بند ڪرڻ لاءِ ريلوي عملي ساڍا 3 مهينا ڪم ڪري پٽڙي کي ڪليئر ڪيو آهي، 100 کان وڌيڪ مزدورن ڏينهن رات محنت ڪري ريلوي ٽريڪ کي بحال ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، ريلوي پٽڙي تان في الحال ٽرائل ٽرين هلائي پٽڙي چيڪ ڪئي آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر ريلوي آپريشن شروع ٿيندو. ريلوي ٽريڪ تان موهن جو دڙو ايڪسپريس، بولان ميل ايڪسپريس ۽ خوشحال خان خٽڪ سميت ٻيون ٽرينون هلنديون آهن. ساڍا 3 مهينا عوام کي تڪليف ٿي، عوام جي تڪيلفن کي نظر ۾ رکندي ريلوي ٽريڪ کي بحال ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button