سنڌ

ٻوڏ متاثر پريشان آهن، حڪومت ٻڌائي ته عوام کي ڇا مليو:اپوزيشن

سنڌ اسيمبلي ۾ اڱاري تي ٻئي ڏينهن به صوبي ۾ هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهين بابت پيش ڪيل التوا واري رٿ تي بحث جو سلسلو هلندو رهيو، جنهن ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڪيترن ئي ممبرن حصو ورتو. ايم ڪيو ايم جي ميمبر منگلا شرما خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ٻوڏ هجي يا برسات هي سڀ قدرتي آفتون آهن، جن کي ڪوئي نٿو روڪي سگهي پر مناسب رٿابندي سان نقصانن کي گهٽائي سگهجي ٿو. هن وقت متاثر علائقن ۾ سڀ ماڻهو پريشان آهن، حڪومت ضرور ڪجهه ڏنو هوندو پر اسان اهو ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته ڇا عوام تائين اهو پهتو هو. ماڻهو قطارن ۾ بيٺا هئا پر کين امدادي سامان نه مليو، جهاز جا جهاز ڀرجي آيا هئا پر ماڻهن تائين امداد ڇو نه پهتي، ڇا اهڙي پلاننگ ڪئي وئي آهي جو ٻيهر اهڙي ٻوڏ اچي ته ماڻهن کي نقصانن کان بچايو سگهجي. سنڌ ۾ يو اين جو جنرل سيڪريٽري به صورتحال ڏسي ويو، ڇا سمورن ملڪي ۽ پرڏيهي فنڊن کي صحيح طريقي سان استعمال ڪيو پيو وڃي. جي ڊي اي جي ميمبر شهريار مهر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته هاڪاري تنقيد ڪئي وڃي. هن حڪومت کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان اهو نه چونداسين ته اوهان ٻوڙايو آهي پر اهو ضرور چونداسين ته اوهان صوبي کي بچايو نه آهي، 14 سالن کان صوبي جو ڪنٽرول اوهان وٽ رهيو آهي، ڇا صوبو ڊپٽي ڪمشنر هلائي رهيو آهي. هن چيو ته ٻه به ارب رپيا ڊپٽي ڪمشنر کڻي ويا، جيتوڻيڪ ڊپٽي ڪمشنر جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي. هن ٻڌايو ته هڪ ميٽنگ ۾ مان پاڻ به ذاتي طور تي موجود هيس، اتي چيو ويو ته ٽينٽ نه پيو ملي، 93 ماڻهو شڪار پور ۾ فوت ٿيا، وڏو وزير چوندو هو ته 86 هزار ٽينٽ هئا پر مليا ڇو نه، اسان کي ميٽنگز ۾ ڇو نه گهرايو ويو. شهريار مهر چيو ته هن وقت به اوهان سياست کيڏي ۽ اوهان هن وقت ڪرپشن به ڪئي. هن سموري تباهي جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي. هن چيو ته آبپاشي کاتي جا ماڻهو جنريٽر جو ڊيزل کائي ويندا هئا، آفيسر غائب هئا، هاڻي آبپاشي کاتي جو پئسو نٿو لڳي، هاڻي به خيرپور، فيض گنج ۾ پاڻي بيٺو آهي. هن چيو ته پاڻي ته سج جي روشني سان به سڪي نٿو. صحت کاتي کي چيو ويو ته اسپري ڪرايو، اسان جي ضلعي ۾ مليريا وگهي ڪيترائي ماڻهو فوت ٿيا، ماڻهن جي شڪايت هئي ته دوائون نه آهن. 200 ارب جي صحت کاتي جي بجيٽ ڪيڏانهن وئي، دوائون ڪيڏانهن وڃن ٿيون جيڪي به ڪميٽيون ٺاهيو، انهن ۾ اپوزيشن کي به رکو. پيپلزپارٽي جي ندا کهوڙو پنهنجي تقرير ۾ چيو ته سنڌ ۾ 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهي جو ڪو مثال نٿو ملي سگهي، جيڪي گهر تباهه ٿيا، اهي غريبن جا هئا، پيپلزپارٽي غريبن جي پارٽي آهي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي اسان جي لاءِ هڪ چئلينج بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته رڳو مليريا ۽ ڊينگي جا هزارين ڪيس ظاهر ٿيا ،بين الاقوامي دنيا تسليم ڪيو ته گهٽ ريسورسز ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو ويو، وڏي وزير پاڻ سمورن ضلعن ۾ دورو ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ 83 هزار ٽينٽ ورهايا ويا. هن چيو ته ٻوڏ جي ڏينهن ۾ جهڙيون حالتون هيون ان ۾ سنڌ حڪومت گهڻو رليف پهچايو. پيپلزپارٽي جي شرميلا فاروقي ٻڌايو ته 2010 جي ٻوڏ هڪ ريلو هو پر هن ڀيري ٻوڏ ۾ هرهنڌ رڳو پاڻي ئي پاڻي هو، ڪٿي ٽينٽ لڳايا وڃن، ڪٿي به جڳهه نه هئي، محدود وسيلن ۾ جيترو سنڌ حڪومت ڪري سگهي هر ڪنهن جي مدد ڪئي. هن چيو ته اسان جي غلطي سان ٻوڏ ناهي آئي، اوهان کي اسان کي تجويزون ڏيڻ گهرجن. 24 لک گهر ٺاهڻا آهن، 80 سيڪڙو گهر جيڪا تباهه ٿيا، اهي ڪچا هئا، اسان کي ٻوڏ سان متاثر نه ٿيندڙ گهر ٺاهڻا آهن. هن اپوزيشن ميمبرن کي چيو ته جيڪڏهن اوهان 15 منٽ اٿي بيهي ٻوڏ متاثرن جو حال ڏسو ها ته اوهان اڄ تنقيد نه ڪريو ها. صوبائي وزير شهلا رضا التوا واري رٿ تي ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ کان پوءِ ڪئمپن ۾ رڳو پيپلزپارٽي بيٺي هئي، ڪراچي ۾ به ٻوڏ متاثر آيا، اسان رات جي پهر ۾ هر ڪم ڪندا هئاسين. هن چيو ته اسان ماڻهن جي مدد سان راشن ۽ ٻيو سامان اماڻيو، حڪومت اڪيلي سر ڪجهه نه پئي ڪري سگهي، اپويشن وارا گهر ويهي ڳالهيون ڪن ٿا. شهلا رضا چيو ته پنجاب ۾ ويهي اهو چيو ويو جيڪا امداد ايندي اها اسان سنڌ کي نه ڏينداسين، اها عوام دشمني هئي يا پيپلزپارٽي دشمني هئي. هن چيو ته بلاول ڀٽو ملڪ جو پرڏيهي وزير آهي هن تمام سٺي سفارتڪاري ڪئي اسان هر مصبت ۾ پنهنجن ماڻهن سان گڏ بيٺاسين، جنهن کان پوءِ اسيمبلي جو اجلاس اربع جي منجهند تائين ملتوي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button