پاڪستانپنجاب

فيصل آباد ۾ گهريلو ملازما تشدد بعد قتل، 3 ڄڻا گرفتار

فيصل آباد: فيصل آباد جي ملت ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ اميرزادن هٿان 17 ورهين جي گهريلو ملازمه کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس مالڪ سميت 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي فيصل آباد ۾ گهريلو ملازمه کي تشدد بعد قتل ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي انسپيڪٽر جنرل پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. پنجاب جي وڏي وزير هدايت ڪئي ته گرفتار جوابدارن خلاف فوري سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. چوڌري پرويز الاهي چيو ته مقتولا جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو ويندو، جوابدار قانون موجب سخت سزا جا حقدار آهن، اهڙو واقعو ناقابل برداشت آهي، جوابدار سزا کان بچي نه سگهندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button