سنڌ

لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج جي شاگردن جو لطيف يونيورسٽي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي پاران شاھه عبدالطيف يونيورسٽي جي ڪاليج سائيڊ جي ايسوسئيٽ ڊگري جي شاگردن کان وقت سر امتحان نه وٺڻ خلاف گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي شاگرد تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي صدر فرحان ڪلھوڙي، سجاڳ ٻار تحريڪ جو مرڪزي صدر اعتزاز گائنچو، بابر ھليو، شعيب نوناري، سرفراز سومرو، فھد لانگاھ، اسامه لاشاري، سياف اڳواڻ آفتاب چانڊيو، آڪاش ديدڙ، سجاد ميمڻ، حسيب جوکيو، وحيد حاصلو ۽ ٻين چيو ته شاهه عبدالطيف يونيورسٽي انتظاميا بي ايس سي ايسوسئيٽ ڊگري آرٽ، سائنس، ڪامرس بيچ 2020 جا ٻين سال جا امتحان ۽ بئچ 2021 جان پھرين سال جا امتحان وقت سر ڪونه پئي وٺي، جڏھن ته گذريل سال پھرين ڊسمبر مھيني ۾ آن لائن امتحاني فارم به ڀريو ويو ھو پر سال گذري چڪو آھي نااھل انتظاميه مختلف بھانن ذريعي بار بار امتحان ملتوي ڪري شاگردن سان ويساهه گھاتي پئي ڪري. هنن مطالبو ڪندي چيو ته سال 2020ع جي بئچ جي ضايع ٿيل وقت جو ازالو ڪندي ماسٽر ۾ ايڊجسٽ ڪيو وڃي، سال 2021ع جي بئچ جا پارٽ ون جا امتحان وٺي جلد کان جلد پارٽ ٽو جا به امتحان ورتا وڃن ته جيئن شاگردن جا ايڇ اِي سي پاران مقرر وقت تي ڊگري ملي ۽ شاگرد وڌيڪ تعليم لاءِ اڳتي وڌن، سلپ مارڪ شيٽ ۽ ٻين ڊاڪوميٽس ۾ غلطيون نه ڪيون وڃن. اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته اسان جا جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button