سنڌ

شڪارپور ۾ زميندار جو زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

شڪارپور ۾ ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ عبدالرحمان بروهي واسي زميندار جو ٻين سان گڏجي زرعي زمين تي مبينا قبضي خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي خان جان بروهي، وڏيرو واحد بخش بروهي، سنهڙو بروهي، امان الله بروهي ۽ ٻين چيو ته 2 سال اڳ حاجي سفر بروهي جي پٽ بشير بروهي کان زميندار خان جان بروهي 40 جريب زرعي زمين 2 ڪروڙ روپين ۾ خريد ڪئي هئي، اسان زمين جا سمورا پئسا وقت سر بشير بروهي کي ڏيئي ڇڏيا آهن، هاڻي اسان جي خريد ڪيل زمين تي ان جو ڀا ستار بروهي قبضو ڪري ويهي رهيو آهي. خان جان بروهي چيو ته نه زمين ملي آھي نه وري پيسا واپس مليا آهن. هن چيو ته زمين خريد ڪرڻ جا اسان وٽ ڪاغذات لکت ۾ موجود آهن. هنن وڏي وزير مراد علي شاهه، ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪئي ته خريد ڪيل زرعي زمين واپس ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ پئسا واپس ڪرائي ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button