اسلام آبادپاڪستان

عافيا صديقي جو معاملو آمريڪي سفير جي سامهون رکڻ جو حڪم

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آمريڪي جيل ۾ قيد پاڪستاني شهري ڊاڪٽر عافيا صديقي جو معاملو پاڪستان ۾ آمريڪي سفير جي سامهون رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ڪيس جي شنوائي ڪئي. ان دوران درخواست گذار ڊاڪٽر فوزيا صديقي پنهنجي وڪيل حافظ ياسر عرفات سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي. ان دوران جسٽس اعجاز اسحاق خان چيو ته 17 آڪٽوبر کان پوءِ ڏيڍ مهيني ۾ ڪجهه ناهي ڪيو ويو، گذريل شنوائي تي به چيو هو ته پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري کي عدالت ۾ گهرائي وٺون ٿا. جسٽس اعجاز اسحاق خان پڇاڻو ڪيو ته عافيا صديقي جي صحت بابت ڇا اطلاع آهن، جنهن تي پرڏيهي وزارت جي وڪيل ٻڌايو ته ان ڏس ۾ ڪوششون جاري آهن. جڏهن ته اڃا تائين جوڳو ريسپانس ناهي مليو. ان دوران درخواست گذار جي وڪيل چيو ته ڊاڪٽر فوزيا صديقي آمريڪا جي ويزا لاءِ اپلاءِ ڪيو هو جنهن کي رد ڪيو ويو. ويب سائيٽ تي چيڪ ڪيو، آمريڪا ۾ عافيه صديقي جو ڪيس التوا هيٺ آهي ۽ هي ئي پرڏيهي وزارت جو جواب آهي. شايد ان جو سورس به ويب سائيٽ آهي. جيڪڏهن اسان کي ويزا ملي وڃي ته پنهنجي طور تي ڪجهه ڪوشش ڪري سگهجي ٿي. پرڏيهي وزارت جي لک پڙهه جو ڪوئي اهڙو جواب ٻڌايو وڃي جنهن سان اسان کي ڪائي روشني جي اميد نظر اچي. جسٽس اعجاز اسحاق خان چيو ته ان جو مطلب آهي ته اڃا تائين ڪوئي پلان نه آهي، وڪيل حافظ ياسر عرفات ڪيس تي وڌيڪ ڪرڻ لاءِ وقت ڏيڻ جي اپيل ڪئي. جسٽس اعجاز اسحاق خان پڇاڻو ڪيو ته مارچ 2020 ۾ فارن آفيس جيڪي خط لکيو ان جو فالو اپ ڇا آهي؟ پرڏيهي آفيس مطابق آمريڪا جي انصاف واري کاتي کي ليٽر لکيو ته عافيا صديقي جي صحت بابت ٻڌايو وڃي، ان خط جو ڪوئي جواب ناهي آيو. پرڏيهي وزارت جي وڪيل ٻڌايو ته آمريڪا جي انصاف کاتي جي ويب سائيٽ تي اسٽيٽس پينڊنگ اچي رهيو آهي، ان کان وڌيڪ ڄاڻ دستياب نه آهي ۽ ان ڏس ۾ محڪمي پاران به نٿو ٻڌايو وڃي ته ڪيس ڪنهن اسٽيج تي آهي. ان موقعي تي جسٽس اعجاز اسحاق خان پڇاڻو ڪيو ته فارن آفيس پاڪستان ۾موجود آمريڪي سفير کان ڇو نٿو پڇي، عدالت حڪم ڏنو ته پرڏيهي وزارت ايندڙ رپورٽ پر پرڏيهي وزير ۽ پرڏيهي سيڪريٽري جي صحيح سان جمع ڪرائي عدالت ڪيس جي شنوائي وڌيڪ 20 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button