اسلام آبادپاڪستان

اي وي ايم جا مخالف ناهيون،تڪڙ ۾ چونڊ تڪراري نٿا بڻائي سگهون:سڪندر راجا

اسلام آباد : چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر راجا چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته نه ڪير اسان جو فيورٽ آهي ۽ نه ئي ڪميشن ڪنهن جي خلاف آهي. جڏهن ته پنجاب حڪومت کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هاڻ قانون تبديل ڪيو ته اڳوڻي مڪاني قانون تحت ئي چونڊون ڪرائينداسين. اليڪشن ڪميشن ۾ ووٽرز جي قومي ڏهاڙي جي عنوان سان ڪوٺايل مک تقريب ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر راجا ۽ چئني صوبن جي ميمبرن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ لاءِ سڀ کان اهم مڪاني چونڊون آهن، اليڪشن ڪميشن چونڊن واري عمل ۾ شفافيت جي ڪوشش جاري رکيون پئي اچي جنهن لاءِ مانيٽرنگ وارو نظام کي بهتر ڪيو ويو آهي. بدامني ڦهلائڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ضابطن جي ڀڃڪڙي تي پارٽي سربراهه کان ڪارڪن تائين ايڪشن ورتو ويندو. جڏهن ته وزيرن کي استعيفيٰ ڏئي اليڪشن مهم ۾ حصو وٺڻو پوندو. سڪندر راجا چيو ته پهريان ضابطن تي عمل نه ڪيو ويندو هو. صوبائي حڪومتون مڪاني چونڊن وارو قانون تبديل ڪري ڇڏينديون هيون، ڪا به صوبائي حڪومت مڪاني چوندون ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي هوندي. سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو، اليڪشن ڪميشن جي ڪوشش سان بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ ڪينٽ ۾ مڪاني چونڊون مڪمل ٿيون. چيف اليڪشن ڪمشنر موجب بلوچستان جي رهيل ۽ متاثر ضلعن سميت مڪاني چونڊ يارنهن ڊسمبر ۽ اسلام آباد ۾ 31 هين ڊسمبر تي ٿيندي. سنڌ ۾ هاڻي 15 جنوري تي ٻئي مرحلي جي چونڊ ٿيندي، پنجاب ۾ ٻئي ٻيهر تڪبنديون ڪيون ويون، هاڻي ٽيون ڀيرو ڪيون پيون وڃن، اهو تاثر هو ته عام طور ننڍي چونڊ حڪمران پارٽي کٽندي، گڏيل طور تي ننڍي چونڊ ۾ 35 مخالف ۽ 16 سيٽون حڪمران پارٽي کٽيون. سڪندر سلطان راجا چيو ته اي وي ايم ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي حوالي سان اسان جي گهڻي تنقيد ٿيندي آهي. تنقيد ڪرڻ واري اسان کي ڏيکارين ته اليڪشن ڪميشن تنقيد ڪئي يا ڪڏهن مخالفت ڪئي هجي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ڪڏهن به مخالفت ناهي ڪئي، جلد بازيءَ ۾ سڄي اليڪشن تڪراري نٿا بڻائي سگهون. هن چيو ته ڇا اسان يقيني بڻائي سگهون ٿا ته ڇهن مهينن اندر ايم وي ايم خري ڪري ۽ عملو به ٽرين ڪري وٺنداسين؟ اي وي ايم ۽ سمنڊ پار پاڪستاني ووٽنگ تي ڪميٽي قائم ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن جي ڪوشش آهي ته ايندڙ ننڍي چونڊ ۽ مڪاني چوندن ۾ اي وي ايم جي استعمال جو پائيلٽ پروگرام ڪيو وڃي، سمنڊ پار پاڪستاني ووٽنگ تي هڪ فورم کي هائر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٽيڪنالوجي جا حمايتي آهيون پر ٽيڪنالوجي اهڙي هجڻ کپي جنهن تي سمورين لاڳاپيل ڌرين جو اتفاق هجي. ٽيڪنالوجي جي استعمال لاءِ پروجيڪٽ مئنيجمنٽ يونٽ قائم ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن وڏي تحقيق کان پوءِ سينيٽ کي تجويزون ڏنيون جنهن کي پارليامنٽ تسليم ڪيو. سڪندر راجا چيو ته ڪميشن تي ڪو دٻاءُ ناهي، اليڪشن ڪميشن تي اعتماد آهي ته اسان ضمير موجب فيصلا ڏنا، فيصلا غلط آهن ته متاثر ڌر اعليٰ فورمز سان رابطو ڪري سگهي ٿي ڇو ته اليڪشن ڪميشن جو نه ڪير فيورٽ آهي نه وري اسان ڪنهن جي خلاف آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button