پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ عطائي ڊاڪٽر جي علاج سبب پورهيت معذور بڻجي ويو

جهڏو: جهڏو جي رهواسي نوجوان سليم لنڊ عطائي ڊاڪٽر جي علاج بعد معذور بڻجي ويو. ان سلسلي ۾ متاثر نوجوان سليم لنڊ صحافين کي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ بخار سبب جهڏو جي هائي اسڪول وٽ قائم نجي اسپتال جي ڊاڪٽر رفيق آرائين وٽ ويس، جنهن مون کي ٻانهن ۾ انجيڪشن هنئي، پني تي لکيل دوا وٺي گهر موٽي ويس ته جسم ۾ شديد تڪليف ٿي وئي ۽ ساڄي پاسي واري ٻانهن ۽ ڄنگهه سڄي وئي، آئون جسماني طور مفلوج ٿي ويس، جنهن بعد ٻئي ڏينهن ساڳئي ڊاڪٽر وٽ وڃي شڪايت ڪئي ته هن الٽو مونکي داٻا دڙڪا ڏئي اسپتال مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، جنهن بعد هڪ ٻي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو ته هن مون کي غلط انجيڪشن لڳڻ سبب ري ايڪشن ٿيڻ جو چئي فوري طور حيدرآباد جي وڏي اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏنو، جنهن بعد حيدرآباد سول اسپتال ۾ علاج زير علاج آهيان. هن گهر ڪئي ته عطائي ڊاڪٽر خلاف قدم کڻي منهنجو علاج ڪرائي مدد ڪئي وڃي. هوڏانهن سماجي تنظيم سنڌ سرتيون جي اڳوڻ زينت ڀٽي چيو ته جهڏو جي عطائي ڊاڪٽر جي غلط علاج سبب نوجوان جي ٻانهن ۽ ڄنگهه ڪم نٿي ڪري، نوجوان جو سڄو جسم مفلوج ٿي ويو آهي، بيماري جي بستري تي هجڻ سبب پورهيت جا معصوم ٻار بکون ڪاٽي رهيا آهن. هن صحت کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي عطائي ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button