سنڌ

رستم جي ڪچي ۾ مال جي چوري تان جهيڙو، فائرنگ ۾ نوجوان قتل

رستم جي ڪچي ۾ ٻن ڌرين ۾ مال جي چوري تان جهيڙو ٿي پيو، تيغاڻي ڌر جي ماڻهن مال ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي مصراڻي ڌر جي فائرنگ ۾ نوجوان سعدو تيغاڻي ٿڏي تي مارجي ويو. ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ ڌريون مرچابند ٿي ويون. رستم جي ڪچي ۾ تيغاڻي ۽ مصراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي مال چوري جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو. ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي حد ڍنڍ جي پرين ڀر ويٺل صلاح الدين مصراڻي ۽ محمد پناهه تيغاڻي جي ڌرين ۾ پراڻي مال چوري تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ سعدو تيغاڻي پٽ محمد پناهه تيغاڻي مارجي ويو. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته تيغاڻي برادري جا ماڻهو پراڻي مال چوري جي معاملي تان مصراڻي برادري جو مال ڪاهڻ آيا ته مصراڻي برادري جي ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ مصراڻي برادري جو هڪ ڄڻو سعدو پٽ محمد پناهه تيغاڻي ٿڏي تي گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو. واقعي بعد ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون، جڏهن وڏي خونريزي جو پڻ خدشو پيدا ٿي ويو آهي. رابطو ڪرڻ تي ڪوٽ شاهو پوليس ٻڌايو ته تيغاڻي ۽ مصراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ مال چوري جي معاملي تان جهيڙو هلندڙ هو، جنهن تي تيغاڻي برادري جا ماڻهو مال ڪاهڻ لا آيا ته مصراڻي برادري جي جوابي فائرنگ ۾ تيغاڻي برادري جو نوجوان سعدو تيغاڻي مارجي ويو آهي، جنهن جي مٿان ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي قتل، پوليس مقابلي جا ڪيس داخل ٿيل آهن. لاش وصول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته لاش کڻڻ لا پوليس رواني ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button