سنڌ

چڪ ۾ 4 ڄڻن جي قتل جو ڪيس 15 ڄڻن خلاف داخل

چڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ناپر ۾ 4 ڏينهن اڳ ڪارنهن معاملي تان قتل ٿيل ٽن ڄڻن فقير محمد پٽ جعفر مهر،محبت الله پٽ فقير محمد ۽ رضا محمد پٽ قادر بخش ۽ زخمي ٿيل ٽن ڄڻن احسان، قربان ۽ مهربان پٽ پناهه مهر جو ڪيس چڪ ٿاڻي تي قربان مهر جي فرياد تي 13 سڃاتل جنهن ۾ وزير پٽ حضور بخش، عبدالخالق، عبدالقادر، محمد حسين، غلام حسين، غلام حيدر، جاويد، غلام شبير ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته 2 نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس قاتلن جي گرفتاري لا لکي غلام شاهه ٿاڻي جي ايس ايڇ او طالب حسين ميمڻ ۽ ڊي ايس پي بدرالدين ڀٽو ڳوٺ ناپر ۽ عبدو تي چڙهائي ڪري ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار ٽن ڄڻن محمد پريل مهر، جاويد مهر ۽ گلزار مهر کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي شڪارپور فيضان احمد جي خاص هدايتن بعد لکي پوليس ڪارروائي ڪندي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. ان حوالي سان لکي ٿاڻي جي ايس ايڇ او طالب حسين ميمڻ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ايس ايس پي شڪارپور فيضان احمد مهر برادري جي ٽن نوجوانن جي قتل واري واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي حڪم جاري ڪيو هو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو وڃي. ايس ايس پي جي اهڙي هدايت بعد لکي پوليس ڳوٺ ناپر ۽ عبدو ۾ جوابدارن جي گهرن تي چڙهائي ڪري ٽن ڄڻن محمد پريل مهر، گلزار مهر ۽ جايد مهر کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو آهي. ايس ايڇ او طالب حسين ميمڻ جو چوڻ هو ته گرفتار ڪيلن کان وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪريون پيا. واقعي ۾ ٻيا جوابدار به ملوث هوندا ته انهن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button