سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي، 10 جڳهيون سيل

لاڙڪاڻي ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪارروايون ڪري 10 جڳهين کي سيل ڪري ڇڏيو. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر نسيم خان ابڙو غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي جي نتيجي ۾ باءِ پاس تي محمد ڇٽل کهاوڙ، حيدر علي شاهه، حمزه ڪالوني ۾ منصور چانڊيو، معراج سنديلو، غلام حسين چنو، عبدالحميد مغيري، وسيم احمد منگي، شهر جي دڙي محلي ۾ عبدالحفيظ شيخ، شهر جي شاهي بازار ۾ عبدالغفار قريشي سميت ٻين جون جڳهيون سيل ڪري ڇڏيون. ان موقعي تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر نسيم خان ابڙو ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ۽ آسپاس علائقن ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروايون ڪري ڪمرشل توڙي رهائشي 10 جڳهيون سيل ڪيون آهن جن خلاف ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج وٽ ڪيس داخل ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button