سنڌ

لاڙڪاڻي ويجهو معصوم ٻارڙو پاڻي جي کڏ ۾ ڪري ٻڏي فوت

ماهوٽا ويجهو ڳوٺ گوڪل پور ۾ 3 ورهين جو نينگر محمد صالح عرف حسنين پٽ محمد بدر چانڊيو گهر ٻاهران راند کيڏڻ دوران پاڻي جي کڏ ۾ ڪري بيهوش ٿي پيو، جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ان موقعي تي فوتي نينگر جي وارثن ٻڌايو ته نينگر گهر ٻاهران راند کيڏي رهيو هو جيڪو گهر ڀرسان پاڻي جي کڏ ۾ ڪري بيهوش ٿي پيو، جنهن کي اسان اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ٻئي طرف ضروري ڪاروائي بعد فوتي نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button