پاڪستانسنڌ

سگا طرفان نوان صوبا ٺاهڻ جي حوالي سان قائم پارليماني ڪاميٽي رد

ڪراچي: سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر طرفان هڪ ايم اين اي جي پيش ڪيل رٿ تي ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي حوالي سان قائم ڪيل پارليماني ڪاميٽي ۽ خورشيد شاهه کي انهيءَ ڪاميٽي جو سربراهه مقرر ڪرڻ جي باري ۾ پنهنجي تمام گهڻي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ انهيءَ عمل کي سختي سان رد ڪيو آهي. سگا جي چيئرمين علي حسين بروهي، سيڪريٽري جنرل ولي محمد روشن ۽ ٻين عهديدارن طرفان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان نوان صوبا قائم ڪرڻ بابت قائم ڪيل ڪاميٽي جا مقصد واضح نه هئڻ ڪري سنڌ ۾ سخت ڳڻتي پکڙيل آهي.

سگا اڳواڻن طرفان سنڌ صوبي کي ورهائڻ جي ڪنهن به سازش ناقابل قبول قرار ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته سنڌ جي تاريخي جاگرافي ۽ وحداني حيثيت سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. هنن واضح ڪيو ته سنڌ جي وحدت ۽ ڌرتي ماءُ جي سلامتي ۽ قومي جي حقن لاءِ هر سطح تي آواز اٿاريو ويندو ۽ قدم کنيا ويندا. سگا اڳواڻن چيو ته هڪ آمراڻي دور ۾ملڪ ۾ قائم ڪيل ون يونٽ ۾ سمورن صوبن جي حيثيت ختم ڪئي وئي ۽ هاڻي صوبن کي ورهائڻ وارو منصوبو اڳتي آندو ويو آهي. هاڻي اهو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي ۽ وفاقي حڪومت طرفان صوبن جي خودمختياري ۾ لڳاتار مداخلت ڪرڻ ۽ پنهنجي هڪ هٽي قائم رکڻ واري سرشتي جو خاتمو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button