سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي عورتن جي مسئلن تي شيما ڪرماڻي پاران ٿيٽر پيش

لاڙڪاڻي ۾ يونائيٽڊ نيشن، يو اين ايف پي اي ۽ پروگريسو ٿنڪرس فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجي جي تعاون سان سنڌ جي ناليواري ڪلاسيڪل ڊانسر شيما ڪرماڻي پنھنجي ڪلاسيڪل ٽيم سان گڏ عورتن جي مسئلن تي ٿيٽر “هر سيلاب سي لڙني والي” سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري ۾ پيش ڪيو. عورتن جي مسئلن تي 50 منٽن جو پيش ڪيل ٿيٽر ۾ پنڊال ۾ ويٺلن مان خوب داد حاصل ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي شيما ڪرماڻي چيو ته مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته منهنجو ٿيٽر گروپ تحريڪ نسوان تحت هو، مون کي لاڙڪاڻي ۽ قمبر سميت سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ٿيٽر پيش ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. هن چيو ته منهنجي ٿيٽر جو مقصد سنڌ جي مظلوم عورتن، نياڻين ۽ ٻوڏ سبب مختلف علائقن جي ڪئمپن ۾ رهندڙ عورتن جي مسئلن جن ۾ عورتن کي تعليم کان پري رکڻ، عورتن تي ٿيندڙ تشدد، جنسي حراس ڪرڻ، ننڍڙي عمر ۾ نياڻين جي شادي ڪرائڻ، ورهاست ۾ حصو نه ملڻ سميت مختلف مسئلن کي اجاگر ڪرڻ آهي ته جيئن سنڌ جي مظلوم عورت کي هزارين مسئلن باوجود همت سان جيئڻ جو حوصلو ملي سگهي. ٿيٽر ۾ ناليواري ليکڪ ۽ ڊاڪٽر سڪندر مغل، سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻي ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه، شاھنواز لائبريري جي انچارج شمس الدين ڪلهوڙي، صحافي ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي پروڊيوسر مشتاق تونيو، ايڊووڪيٽ ستار هليو، صحافي نصير کھاوڙ، عرفان عباسي، مقصود ابڙو سميت وڏي انگ لائبريري ۾ پڙهندڙ شاگردياڻين توڙي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button