پاڪستانسنڌ

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ ماسترياڻي جو ماسترن تي هراسان جو الزام

ڪراچي: سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ هڪ ماسترياڻي ماسترن تي هراسان ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. ماسترياڻي جو چوڻ آهي ته انتظاميا کي ثبوتن سان گڏ شڪايت ڪئي آهي، ڪيترين ئي عورتن ۽ شاگردياڻين به انهي خلاف شڪايت ڪئي آهي. هن چيو ته انگريزي شعبي جي ٻن استادن خلاف شڪايت جمع ڪرائي آهي، ٻئي استاد مسلسل هراسان ڪري رهيا آهن. هوڏانهن يونيورسٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ماسترياڻي شڪايت جمع ڪرائي آهي، شڪايت ڪندڙ ماسترياڻي جو سروس رڪارڊ تمام گهڻو خراب آهي. هن جي خلاف ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ۽ ڪلاس نه وٺڻ جون شڪايتون آهن. ترجمان چيو ته ماسترياڻي جي ڪارڪردگي بابت ڪميٽي جي رپورٽون سينڊيڪيٽ ۾ پيش ڪيون ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button