آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان نيڊ پرائس چيو آهي ته دهشتگرد پاڪستان تي حملن لا افغانستان جي سرزمين استعمال ڪري سگهن ٿا، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لا اسان پاڪستان جي دفاعي صلاحيت ۾ اضافو ڪنداسين. نيڊ پرائيس پنهنجي پريس بريفنگ ۾ چيو ته پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ٻيا دهشتگرد منظم ٿي رهيا آهن، خدشو آهي ته افغانستان هڪ دفعو ٻيهر عالمي دهشتگردن جي پناهه گاهه نه بڻجي وڃي، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اهم ڀائيوار آهي. آمريڪي پرڏيهي وزارت جو چوڻ هو ته پاڪستان سان دفاعي شعبي ۾ سهڪار جاري آهي، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لا پاڪستان جي دفاعي صلاحيت ۾ اضافو ڪنداسين، اهڙا سموررا قدم کڻنداسين جن سان اسان جا مفاد متاثر نه ٿين. پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن هڪ شخصيت کي ٻي تي ترجيح نه ڏيندا آهيون، اسان فقط پاڪستاني عوام ۽ آئين سان گڏ آهيون، رجيم چينج جي حوالي ڪوڙن افواهن جي ترديد ڪري چڪا آهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close