سنڌ

ڪشمور ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

ڪشمور جي ڳوٺ علي مراد کوسو جي رھواسين چوپايو مال ڍڪ حوالي ڪرڻ ۽ ڳوٺاڻي غفار کوسي مٿان چوري جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي حاجي نظير احمد کوسو، شيرباز کوسو، ساجد کوسو، امام دين کوسو ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان دانھيندي چيو ته 20 ڏينھن اڳ اڳوڻي ٽائون چيئرمين اسرار کوسو جي واڙي مان چور مينهون چوري ڪري ويا جنهن بعد ڪشمور پوليس اسرار کوسو جي چوڻ تي بنا ڪنهن ثبوت جي اسان جي نوجوان غفار کوسو مٿان ڪيس داخل ڪري ڳوٺ علي مراد کوسو تي ڪشمور پوليس چڙهائي ڪري 12 مينهون ڪاھي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيون، جڏهن ته ڪشمور پوليس اصل چورن تائين پھچي ڪجهه جوابدار گرفتار ڪيا آهن جن پنهنجي وات زباني چوري جو اعتراف ڪيو آهي، جنهن باوجود اڳوڻي ٽائون چيئرمين اسرار کوسو جي چوڻ تي پوليس اسان جي ڳوٺ مان ڪاھي آيل ڍور ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي ۽ داخل ڪيس ۾ غفار کوسو جو بيگناهه ڏنل نالو پڻ خارج ناهي ڪيو. هنن ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته ناحق ڍڪ حوالي ڪيل مينهون واپس ڏيئي داخل ڪيس مان غفار کوسو جو نالو خارج ڪري ٿيل ناانصافي جو ازالو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button