پاڪستانسنڌ

شرجيل ميمڻ يونيورسٽي روڊ تي ٽريفڪ جام ٿيڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

ڪراچي: اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتن واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ بي آر ٽي ريڊ لائن پروجيڪٽ جي تعمير سبب يونيورسٽي روڊ تي ٽريفڪ جام ٿيڻ جي رپورٽن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. صوبائي وزير ڪراچي جي سي اي او کي يونيورسٽي روڊ ۽ بي آر ٽي ريڊ لائن جي پوري روٽ تي جتي به گنجائش آهي اتي شهرين لاءِ بهتر متبادل رستا ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. هن چيو ته ڪوشش ڪئي وڃي ته پروجيڪٽ جي تعمير سان روڊ تي عام ٽريفڪ جي رواني ۾ ڪابه رڪاوٽ نه اچي. صوبائي وزير ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي موثر ٽريفڪ پلان مرتب ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي ۽ چيو ته يونيورسٽي روڊ تي ٽريفڪ اهلڪارن جي نفري وڌائي وڃي ته جيئن يونيورسٽي روڊ تي سفر ڪرڻ وارن شهرين جي بهتر رهنمائي ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button