پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت جبري مذهب تبديليءَ خلاف پرعزم آهي: وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت جبري مذهب مٽائڻ ۽ سمورن اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ زبردستي مذهب مٽائڻ واري قانون تي نظرثاني واري اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جبري مذهب مٽائڻ واري قانون تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙيندي جيڪا سندن ترجيحن ۾ شامل آهي. وڏي وزير اميد ظاهر ڪئي ته ڳالهه ٻولهه ۽ غور ويچار ذريعي ان مسئلي تي اتفاق راءِ ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button