پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ تالو لڳل ڪوارٽر مان معصوم ٻارڙي جو چچريل لاش مليو

ڪراچي: ڪراچي جي گلشن اقبال جي علائقي اسڪائوٽ ڪالوني جي بخش علي ڳوٺ ۾ بند پيل خالي ڪوارٽر مان معصوم ٻارڙي جو ڪيترائي ڏينهن پراڻو ۽ چچريل لاش مليو آهي. پوليس موجب فوري طور تي ان ڳالهه جو تعين ناهي ٿي سگهيو ته هٿ آيل لاش معصوم ٻارڙي جو آهي يا ٻار جو جڏهن ته بدبو اچڻ تي رهواسين پوليس کي اطلاع ڏنو. جن بند پيل ڪوارٽر جو تالو ٽوڙي ۽ اندر وڃي ڏٺو ته لاش پيل هو، جنهن جي عمر اٽڪل 6 سال آهي. لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ايس ايڇ او ٻڌايو ته شروعاتي جاچ ۾ پتو پيو آهي ته ڪوارٽر آمنه نالي عورت جو آهي، جنهن ڪجهه مهينا اڳ ٻوڏ متاثرن کي ڏنو هو، جيڪي گهر جي مالڪ کي ٻڌائڻ بنا تالو هڻي هليا ويا، ڪوارٽر 15 ڏينهن کان خالي ۽ بند هو، پوليس ڪوارٽر جي مالڪياڻي آمنه سان رابطو ڪري ورتو آهي، جنهن کانپوءِ ڪرائيدار جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ورتي پئي وڃي ته هن ڪنهن جي معرفت ڪوارٽر مسواڙ تي ڏنو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button