سنڌ

ٺل ۾ ايس يو پي جي سالگرهه تي مشعل بردار بردار ريلي

ٺل ۾ ايس يو پي پاران سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي 16 هين سالگرهه جي موقعي تي ڳواڻن ايس يو پي هائوس ٺل کان مشعل بردار ريلي جمال جوش ٻرڙو، مير محبوب علي سومرو جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي. ڪارڪنن هٿن ۾ ايس يو پي جا جهنڊا کڻي مشعل بردار ريلي مختلف چوراهن کان قومي گيت ڳائيندا پريس ڪلب وٽ پهچي انقلابي گيت ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي 16 هين سالگرهه جو پنج پائونڊن جو ڪيڪ ضلعي صدر جمال جوش ٻرڙو، مير محبوب علي سومرو، مام بخش سرڪي، غلام حسين ڪنڊراڻي ۽ ٻين اڳواڻن ڪاٽي هڪٻئي کي ڪيڪ کارائي مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سنڌي قوم ڌرتي ما سان وفا جو وچن ورجايو. اڳواڻن چيو ته ايس يو پي سنڌ جي هر ٻرندڙ مسئلي تي جدوجهد ڪري سنڌي قوم جا مسئلا حل ڪرايا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button