پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ويجهو ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، نوجوان فوت، 3 زخمي

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ويجهو تعلقي ٿاڻي جي حد لاڙڪاڻو باءِ پاس روڊ تي گذريل رات دير سان تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ قمبر ريلوي ڪالوني واسي 4 ڄڻا 18 سالن جو راشد پٽ خان محمد وڌو، 15 سالن جو عجب گل ولد راحب سومرو، 12 سالن جو انيس هڪڙو ۽ 13 سالن جو ضمير ڪنڀر سخت زخمي ٿي پيا، حادثي بعد ڪار ڊرائيور فرار ٿي ويو، زخمين کي آسپاس جي ماڻهن کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن زخمي نوجوان راشد وڌو جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ان موقعي تي فوتي نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته اسان قمبر جا رهواسي آهيون، موٽرسائيڪل تي قمبر کان لاڙڪاڻي اچي رهيا هئاسين ته لاڙڪاڻو باءِ پاس تي تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button