پاڪستانسنڌ

ٻوڏ متاثرن جي بحالي لا عوامي ورڪرز پارٽي جو مارچ ڳيريلي پهچي ويو

ڳيريلو: ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ۽ شهرن توڙي ڳوٺن مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف عوامي ورڪرز پارٽي پاران پيادل مارچ محراب سنديلو پهتو. عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪارڪنن پاران ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ٿيڻ ۽ برسات دوران پاڻي جي لپيٽ ۾ آيل شھرن ۽ ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڪامريڊ بخشل ٿلهو، ضيا ڀٽي، ڪامريڊ سينگار نوناري ۽ ڪامريڊ فيض ڪيريو جي اڳواڻي ۾نڪتل پيادل سنڌ بحالي مارچ ڪالهه چوٿين ڏينهن نصیرآباد نيشنل ھائي وي رستي ڳيريلو لڳ محراب سنديلو پھتو، جتي شھرين ۽ علائقي واسين قافلي مٿان گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي پيادل مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ بخشل ٿلهو، ضيا ڀٽي ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ۾ شامل ڀوتارن ۽ انهن جي رکرايل ڪرپٽ ڪامورن برسات ۽ ٻوڏ جي پاڻي مان فائدو وٺندي ھٿ سان ڪٽ ڏئي سنڌ جا ڳوٺ ۽ شھر ٻوڙايا ته فنڊ وٺي پنھنجا اڪائونٽ ڀري سگھون، سنڌ جي ماڻهن سان اهو ظلم ڀوتارن رڳو مال ميڙڻ لا ڪيو. ھنن وڌيڪ چيو ته برسات ختم ٿي وئي آهي، پر سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب مسڪين ماڻهو ڏکيائن جو شڪار آهن. ھنن چيو ته پيادل مارچ جو مقصد ۽ مطالبو آهي ته سنڌ جي ٻڏل ڳوٺن، شهرن ۽ زمينن مان پاڻي نيڪال ڪرائي روڊ رستا بحال ڪيا وڃن ته جيئن غريب ھاري ڪڻڪ توڙي ٻئي فصل جي پوکائي ڪري ڪجهه سک جو ساهه کڻڻ.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button