پاڪستان

مشڪلاتون ضرور آهن پر ملڪ ڪڏهن ڊيفالٽ نه ڪندو:پرويز اشرف

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته مشڪلاتون ضرور آهن پر پاڪستان ڪڏهن ڊيفالٽ نه ڪندو، معيشت دٻاءُ جو شڪار آهي جلد حالتون بهتر ٿي وينديون، اسان کي پاڻ ۾ گڏجي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو آهي ۽ ان جو حل ڳولڻو آهي، سياسي استحڪام سان ئي معاشي استحڪام اچي سگهي ٿو، آئين ۽ قانون تي عملدرآمد سان ئي ملڪي ترقي ممڪن آهي، ڪو ملڪ غير يقيني جي صورتحال ۾ ترقي نٿو ڪري سگهي، الزامن جي سياست کي ختم ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن هتي پي پي پي جي اڳواڻ بيگم شميم نيازي جي رهائشگاهه تي سندس عيادت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. راجا پرويز اشرف چيو ته سموريون سياسي پارٽيون هڪٻئي تي الزام لڳائڻ بدران پاڻ ۾ گڏجي ويهي ملڪ کي درپيش چئلينجز جو حل ڳولڻ گهرجي، پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي، هتي جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽين کي جدوجهد ڪرڻ گهرجي ۽ پارليامينٽ کي عزت ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پوري دنيا ۾ معيشت جي حوالي سان ڏکيون حالتون آهن، مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ پڻ معيشت دٻاءُ ۾ آهي، انهن مشڪلاتن مان نڪرڻ جو واحد حل سياسي استحڪام آهي، هڪٻئي جو احترام ڪندي ملڪ ۾ سازگار ماحول قائم ڪرڻو پوندو ته جيئن اجتماعي ڪوششن جي ذريعي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، پاڪستاني عوام وڏي محنتي، قابل ۽ محبت ڪندڙ آهي، پاڪستان الله تعاليٰ جي مهرباني ۽ عوام جي قوت سان هر قسم جي مشڪلاتن مان جلد ٻاهر نڪرندو. پاڪستان هڪ پارٽي جو ناهي پر اسان سڀني جو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام ضروري آهي ڇاڪاڻ ته جيستائين ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه ايندو ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، هڪ سوال جي جواب ۾ راجا پرويز اشرف چيو ته اسحاق ڊار جي صدر سان ملاقات مثبت ڳالهه آهي ڇو ته رابطا ختم نه ڪرڻ گهرجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button