پاڪستان

لڪي مروت ۾ ايف آئي اي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر گوليون هڻي قتل

خيبر پختونخوا جي ضلعي لڪي مروت ۾ وفاقي جاچ اداري (ايف آ اي) جي ڊپٽي ڊائريڪٽر کي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب ايف آ اي ڊپٽي ڊائريڪٽر انعام مروت تي فائرنگ جو واقعو غزني خيل ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو، هو بنون ۾ مقرر ٿيل هو. مقامي پوليس مطابق شروعاتي جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته قتل جو واقعو ذاتي رنجش لڳي ٿو پر اسان علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button