مٺي: مٺي جي پانچا ڪالوني ۾ 60 سالن جي پيرسن گلاب ميگهواڙ جو گهر اندر چونئري ۾ ٽنگيل لاش مليو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش لهرائي مٺي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ وارثن موجب گلاب ولد ڪانجي ميگھواڙ گھر اندر چونئري ۾ رسو ٻڌي آپگهات ڪيو آهي، جيڪو ڪافي وقت کان غربت سبب پريشان هو ۽ ذھني مريض بڻجي ويو هو. هوڏانهن خودڪشي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو. پوليس موجب شروعاتي جاچ مان واقعو خودڪشي ظاهر ٿئي ٿو، پر ڪارڻ معلوم ٿي نه سگهيو آھي. پيرسن جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آھي رپورٽ ۽ گهڻ رخي جاچ بعد واقعي جون سموريون حقيقتون سامهون اچي وينديون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close