پاڪستانسنڌ

اڪري لڳ پاڻي واري مشين ۾ لوئي ڦاسڻ سبب نوجوان فوت

فيض گنج: اڪري ڀرسان برسات متاثر ڳوٺ خدابخش شر جي رهواسي 30 سالن جو نوجوان صدام حسين ولد رئيس رحيم شر ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال ڪندڙ پاڻي واري ميشن جي شافٽ ۾ لوئي ڦاسڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن ڪرونڊي جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، فوتي نوجوان پنهنجي برسات متاثر ڳوٺ مان جهٽي ذريعي پاڻي نيڪال ڪري رهيو هو ته واقعو پيش آيو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button