گهوٽڪي با پاس تي ڄاڃين جي وين جو ٽرالر سان ٽڪر ٿيڻ ڪري عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 21 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. خبر موجب گهوٽڪي با پاس تي گذريل رات دير سان سکر کان ڏھرڪي ڏانهن ٻن ڀائرن ڪلتار لال ۽ اڪشي ڪمار جي ڄڃ کڻي ويندڙ ويگن جو ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب مور لال، دادا اوڏ ۽ مائي ڦلي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻارڙن ۽ 10 عورتن سميت 21 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ درشن اوڏ، سهڻو اوڏ، وجئه ڪمار، منٺار، وقار اوڏ، مائي مور زادي، رخسانا، نظيران، روبينا، پري ۽ ٻيا شامل آهن، حادثي جو اطلاع ملڻ تي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي تعلقي اسپتال گهوٽڪي ۽ خانگي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لا سکر ۽ رحيم يار خان اسپتالن ڏانهن ريفر ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ويگن سکر کان ڏھرڪي طرف ڄڃ کڻي وڃي رهي هئي ته گهوٽڪي با پاس تي قومي شاهراهه جي هڪ پاسي ڪمند سان ڀريل ٽراليون بيٺل هجڻ ڪري حادثو ٿي پيو، حادثي ۾ فوت ٿيل هڪ ڄڻي جي مڙهه کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، واضح رهي ته ڪمند سان ڀريل ٽراليون ڏينهن رات بيٺل هجڻ ڪري ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿئي ٿي ۽ حادثن جو خطرو رهي ٿو پر ان باوجود موٽر وي پوليس ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽراليون بيهارڻ جو نوٽيس ناهي ورتو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close