پاڪستانپنجاب

عمران خان کي ايجنڊا تحت آندو ويو،ثابت ٿيو ته اهو تجربو غلط هو:خواجا آصف

بچا واري وزير خواجا آصف چيو آھي تھ عمران خان کي هڪ ايجنڊا ۽ رٿابندي تحت اقتدار ۾ آندو ويو، عمران نيازي کي آڻي ملڪ کي تباهه ڪرڻ جو تجربو ڪيو ويو، نئين نسل کي تباهه ڪرڻ بعد عمران هاڻي چونڊن جا آواز ڏئي رهيو آهي، هن توشا خاني مان 6 ارب رپين جا تحفا ڏيڍ ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪيا ويا، هنن سڄي عمر مفت خوري ۾ گذاري ڇڏي، عمران سڀ غلطيون مڃي رهيو آهي، ائين نه ٿئي جو اڳتي هلي چوي ته هن مرشد سان شادي ڪري به غلطي ڪئي. سيالڪوٽ ۾ نواز ليگ جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته اسان کي چور ۽ ڦورو چوندڙ عمران خان پاڻ وڏو چور نڪتو، مرشد ذوالفي بخاري ذريعي گهڙيون وڪرو ڪري ڇڏيون، عمران خان پاڻ تي لڳل سمورا الزام پنهنجي مرشد مٿان هڻي ڇڏيندو ۽ چوندو ته مون ڪجهه ناهي ڪيو، منهنجي مرشد ئي سڀ ڪجهه وڪرو ڪيو هو. هن ته عمران خان جي اقتدار ۽ پئسي جي حوس جي ڪابه حد ناهي، صبح شام پنهنجي محسنن تي تنقيد ڪندو آهي، جنرل (ر) باجوا سندس محسن آهي پر هي ان کي به گهٽ وڌ ڳالهائيندو آهي، هن عمران خان کي 4 سال سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر مال ملڪيت جي حوس ۽ اقتدار سان محبت کيس سڌي رستي تي نه آڻي سگهي. دفاع واري وزير چيو ته عمران خان هڪ تجربو هو، جنهن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي وئي پر هاڻ حالتون ان جون گواهه آهن ته اهو تجربو غلط هو. مرشد زلفي بخاري جي ذريعي گهڙيون وڪرو ڪيون ۽ ان ڪم کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو هو، عمران خان پرڏيهه مان مليل ڪيترائي تحفا پنهنجن اثاثن ۾ ظاهر ناهن ڪيا. 6 ارب رپين جا تحفا ڏيڍ ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪيا ويا، اسان مٿان ڌاڙيلن کي مڙهي نوجوان نسل کي به تباهه ڪيو ويو. خواجا آصف چيو ته عمران خان کي بني گالا جو گهر پهرين گهرواري ڏنو هو، هيليڪاپٽر پنجاب حڪومت جو استعمال ڪندو آهي، خيبر پختونخوا حڪومت جي جهاز ۾ گهمندو آهي، ماني ڪنهن ٻئي هنڌ کاڌي، هنن مفت خوري ۾ سڄي عمر گذاري ڇڏي آهي، عمران خان چوي ٿو ته هن باجوا جي مدي ۾ واڌ ڪري غلطي ڪئي، روس جو دورو ڪري غلطي ڪئي، مستقبل ۾ هو چوندو ته سموري بي ايماني مرشد ڪئي، مون ساڻس شادي ڪري به غلطي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button