سنڌ

فرانس جي سياحن طرفان موهن جي دڙي جو دورو

سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جي دڙو تي فرانس جي پرڏيهي وفد جو موهن جي دڙي جو دورو ڪيو. سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي فرانس جي پرڏيهي وفد جو موهن جو دڙو جو دورو ڪيو. ان ڏس ۾ فرانس کان 12 ڄڻن جو وفد مس لورينس ناگير جي اڳواڻي ۾ ماڳ تي پهتو. ان سلسلي ۾ فرانس کان مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 12 ڄڻن تي مشتمل سياحن جي پرڏيهي وفد ماڳ جا مختلف ايرياز اسٽوپا، گريٽ باٿ، ميوزم ۽ ٻين تهذيبي آثارن گھمي ڏٺا. ان موقعي تي فرانس جي پرڏيهي وفد جي اڳواڻي ڪندڙ مس ليورينس چيو ته موهن جو دڙو ڏسي دنيا ۾ موجود ثقافت جي پراڻي ڄاڻ حاصل ٿي آهي، هن جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو ۽ ان جي ثقافت دنيا ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي، جنهن کي سامهون ڏسي گهڻي خوشي ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button