سنڌ

ٻوڏ متاثرن جي بحالي نه ٿي ته سنڌ اسيمبلي جو گهيرا ڪيو ويندو:عوامي ورڪرز پارٽي

خيرپورناٿن شاهه کان نڪتل پيادل سنڌ بحالي مارچ عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلهو، سنڌ جي صدر ڪامريڊ ضياءَ ڀٽي، مير حسن سريوال، لطيف لغاري، سينگار نوناري، خان غفار خان، عابده نوناري، فيض ڪيريو ۽ جئه ڪمار جي اڳواڻي ۾ پرين پنڌ خيرپور ناٿن شاهه کان ٿيندي، ميهڙ، گاجي کهاوڙ، وارهه، نصيرآباد کان ٿيندو 100 ڪلوميٽر طئي ڪري لاڙڪاڻي پهتو. مارچ کي لاڙڪاڻي ۾ عوامي تحريڪ، وطن دوست جمهوري پارٽي، پي پي شهيد ڀٽو ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن ڀليڪار ڪيو. عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي جنرل سيڪريٽري بخشل ٿلهو، سنڌ جي صدر ضيا ڀٽي، ليبر سيڪريٽري ڪامريڊ سينگار نوناري ۽ ڪامريڊ لطيف لغاري جي اڳواڻي ۾ نڪتل مارچ پنجين ڏينھن رشيد وڳڻ مان نڪري لاڙڪاڻي پھتو، جتي عوامي ورڪرز پارٽي لاڙڪاڻو, عوامي تحريڪ، وطن دوست مزدور فيڊريشن، وطن جمهوري پارٽي ۽ ٻين سياسي سماجي ڌرين گلن جي ورکا ڪري ڀرپور آجيان ڪئي. سنڌ بحالي پنڌ جناح باغ سامھون ڌرڻي جي صورت اختيار ڪري ويو جتي اڳواڻن خطاب ڪري مطالبو ڪيو ته فوري طور ٻوڏ متاثرن جي بحالي ڪئي وڃي. خطاب ڪندي عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلھو چيو ته ھي مارچ آخري ناھي جيڪڏھن جلد بحالي نه ڪئي وئي ته سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪيو ويندو. ھن چيو ته اسان ٻج آھيون دفن ڪندائو ته سلا بڻجي ڦٽي وڻ ٿينداسين ۽ ظالم نظام کي مزاحمت ذريعي ڊاھينداسين. سياسي ڪارڪن اھا مڇي آھي جيڪا عوام جي سمنڊ ۾ بي خوف ترندي ڦرندي آھي، جڏھن ھو گڏ ٿي يڪ آواز ٿيا ته پوءِ جاگيردارن، وڏيرن، سرمائيدارن کي لڪڻ لاءِ به جاء نه ملندي. مارچ کي خطاب ڪندي عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر ڪامريڊ ضيا ڀٽي چيو ته ھن ڏکي گھڙي ۾ سڀ کان وڌيڪ ضرورت اسان کي گڏ ٿي ڪري سگھارو آواز اٿارڻ جي ضرورت آھي. جنرل سيڪريٽري مير حسن سريوال چيو ته ٻوڏ جي ھيڏي وڏي تباھي بعد به حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري، انھن جي بي حسي، نااھلي ۽ عوام دشمني خلاف اسان سنڌ بحالي مارچ ڪڍيو ته جيئن ان ظلم خلاف ڀرپور آواز اٿارجي. عوامي ورڪرز پارٽي جي ھاري سيڪريٽري ڪامريڊ فيض ڪيريو چيو ته بنا دير زرعي سڌارا ڪيا وڃن ۽ جاگيردارن ۽ وڏيرن کان زمينون کسي ٻوڏ متاثر بي زمين ھارياڻين ۾ ورھايون وڃن. هن چيو ته صرف اسان کي گڏ ٿيڻ جي دير آھي جڏھن سڀ مظلوم گڏ ٿيا ته پوءِ ھي نظام ضرور ڊھندو. وطن دوست مزدور فيڊريشن جي اڳواڻ قادر ڪُرد چيو ته ٻوڏ سبب فصل ناس ٿيا، چوپايو مال مري ويو، ماڻھن جا لاش پاڻي ۾ ترندا رھيا پر حڪمران پنھنجي ٺٺ ٺانگر سان زندگي گذاري رھيا آھن ۽ مارو ماڻھو دربدر آھن. اسان ھارين، نارين، پورهيتن ۽ شاگردن کي گڏ ڪري صورت مزاحمت ڪري انھن ظالمن سان ھڪ ھڪاڻي ڪنداسين. پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ جي صدر ڪامريڊ جئي ڪمار چيو ته سنڌ جو ھر شھر ۽ ٻهراڙي جا ڳوٺ ٻوڏ سبب تباهھ ٿيا، عوام جو الهه تلهه لڙھي ويو، ماڻھو بيمارين ۽ بک وگھي مرن پيا پر بيحس حڪمران، انھن جا ٽائوٽ وڏيرا ڪٿي نظر نه آيا. عوامي تحريڪ جي اعتزاز گائينچو چيو ته عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جس ھجي جن ڪي اين شاهه کان لاڙڪاڻي تائين پنڌ ڪري عوام جو آواز اٿاريو آھي. سنڌ بحالي پنڌ جناح باغ لاڙڪاڻو تي پنھنجي پڄاڻي تي پھتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button