پاڪستانسنڌ

چمبڙ ۾ ايران مان ٽماٽو گهرائڻ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو

چمبڙ: چمبڙ ۾ بدين ۽ ٽنڊوالھيار جي آبادگارن محبوب خان سريوال، حاجي ولي محمد لغاري، منظور ٽالپر، ديوان ڪوڏو مل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر ھٿن ۾ کڻي چاڪر شاخ موري کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي آبادگارن چيو ته سنڌ اڳ ۾ ٻوڏ سبب تباھه ٿيل آھي، ان ھوندي سنڌ جي آبادگارن ڳرا خرچ ڀري ٽماٽي جا فصل تيار ڪيا ته سنڌ حڪومت ايران جو ٽماٽو سنڌ ۾ گھرائي آبادگارن کي وڏو معاشي ڌڪ ھنيو آهي. ھنن چيو ته جيڪڏھن ايران جو ٽماٽو بند نه ڪيو ويو ته آبادگار گڏ تي وڏا روڊ بند ڪرڻ تي مجبور ٿيندا، سنڌ حڪومت جي غلط پاليسن سبب زراعت کي وڏو ڌڪ لڳو آھي، سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھه ڪيو پيو وڃي، ھڪ پاسي آبادگارن کي مناسب فصلن جا اگهھ نٿا ملن ته وري ٻي پاسي ڀاڻ جي کوٽ ڄاڻائي ڊي اي پي يوريا سميت ٻيو ڀاڻ بليڪ تي ڊيلر وڪرو ڪري آبادگارن کي ٻنهي ھٿن سان لٽيو پيو وڃي. ھن وقت سنڌ جو ٽماٽي جو فصل لھڻ شروع ٿيو آھي ته ٽماٽو ايران مان گھرائي سنڌ جي آبادگارن سان ظلم ڪيو پيو وڃي. اسان فصلن مان خرچ به ناھي لاھي سگھيا آھيون. ٽماٽي جو مناسب اگهه نه ملڻ سبب پريشان آهيون. ھنن وزيراعلى سنڌ ۽ زارعت کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته آبادگارن کي ٽماٽي سميت ٻين فصلن جا مناسب اگهھ ڏئي ڪنگال ٿيڻ کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button