پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ايس يو پي جي “سنڌ بحالي تحريڪ” ريلي

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران سنڌ بحالي تحريڪ جي سلسلي ۾ بس ٽرمينل کان پريس ڪلب تائين سيد زين شاھه جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ پارٽي ڪارڪنن سان گڏ برسات متاثرن جي ھڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. ريلي پريس ڪلب پھتي ته جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي، جنھن کي خطاب ڪندي سيد زين شاھه چيو تھ سنڌ جي تباھي جا ذميوار حڪمران آھن، جن عالمي ادارن کان ڊرينيج نظام جوڙڻ لاءِ اربين رپيا ورتا، پر پئسا ڪرپشن جي ور چڙھڻ سبب اھو نظام اڄ بھ اڻپورو آھي، جنھن ڪري قدرت جي رحمت سنڌ واسين لاءِ زحمت بڻجي وڃي ٿي. ھن چيو تھ آر بي او ڊي تي 65 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آھن، پر 15 سال گذرڻ باوجود اھو ڪم مڪمل ناھي ٿي سگھيو. 2011ع جي ٻوڏ کانپوءِ عام ماڻھو ۽ ماھر مطالبا ڪري رھيا آھن تھ پاڻي جي قدرتي وھڪرن تان قبضا ھٽائي انھن کي ترت بحال ڪيو وڃي، ان ڏس ۾ بھ عالمي ادارن کان قرض ۽ فنڊز وٺي کاڌا ويا پر ڪم نھ ٿي سگھيو آھي. ھن چيو تھ فوري طور گھوٽڪي کان بدين تائين پاڻي جا قدرتي لنگھه بحال ڪيا وڃن ۽ جن جن علائقن ۾ پاڻي نيڪال جو نظام ناھي، اتي نوان نالا جوڙيا وڃن. ھن چيو تھ ڊرينيج جي اڻپوري نظام سبب لکين ماڻھو دربدر ٿيا آھن، ماڻھن جا گھر، فصل ۽ ملڪيتن کي نقصان رسيو آھي، پر حڪمرانن عالمي ادارن کان ورتل امداد مان ھڪ اڌ ڪٽو ڏئي، فوٽو ڪڍرائي ٻيو راشن ۽ سامان ھڙپ ڪيو آھي. ھن مطالبو ڪيو تھ ھن وقت جن بھ علائقن ۾ پاڻي بيٺل آھي، اھو نيڪال ڪري کليل آسمان ھيٺ ويٺل ماڻھن جي واھر ڪئي وڃي. سياسي حوالي سان ڳالھائيندي ھن چيو تھ ھن وقت نوان صوبا ٺاھڻ ۽ سنڌ ورھائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، پر اسان اختيارين کي چتاءُ ٿا ڏيون تھ اھڙين حرڪت کان پاسو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ان جا نتيجا خطرناڪ نڪرندا. جلسي کي خطاب ڪندي روشن ٻرڙو، امير آزاد پنھور، امير علي ٿيڻو، منظور ميمڻ، محمد خان مري ۽ ٻين چيو تھ مسلسل ايندڙ ٻوڏن سنڌ کي تباهھ ڪري ڇڏيو آھي، پر حڪمرانن انھن ٻوڏن کي بھ پنھنجي ڪمائيءَ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آھي. ھنن چيو تھ قدرتي وھڪرن تي حڪمران ڌر جي بااثر ماڻهن جا قبضا آھن، ان ڪري اھي خالي نھ پيا ڪرايا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button