پاڪستانسنڌ

پٻڻ ۾ عورت ۽ سندس پٽ جي بازيابي لا رهواسين جو احتجاج

هوسڙي: هوسڙي ويجهو پٻڻ ٿاڻي جي حد جھڻ موري وٽ علائقي جي بااثر ماڻهن ۽ پوليس خلاف ڪليري برادري جي سوين ماڻھن انور ڪليري، روشن ڪليري، زبير شاهھ، شاھد شاھه ۽ پرويز ڪليري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي حيدرآباد-شيخ ڀرڪيو روڊ بند ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته سڪندر ڪوري ۽ شبن ڪوري جي گھرن ۾ پاڙيسري ھئڻ جي ناتي 6 مھينا اڳ اسان جي عورت رخسانه زال ممتاز ڪليري پنھنجي 7 سالن جي پٽ حسنين ڪليري سان گڏ وئي، جنهن بعد عورت پٽ سميت گم آهي، اسان جي عورت کي يرغمال ڪري ويھارڻ ۽ موٽائي نه ڏيڻ خلاف ٽنڊوڄام ۽ پٻڻ شريف ٿاڻن تي ڄاڻايل بااثر ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوليس ايف آئي آر داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏيندي رڳو اين سي داخل ڪئي. ھنن چيو ته ونگاري پوليس 6 مھينا گذرڻ باوجود اڃان تائين عورت ۽ سندس پٽ کي بااثر ماڻهن کان ڇڏائي نه سگھي آهي، شڪ آهي ته عورت ۽ سندس پٽ کي قتل ڪيو ويو آهي. پٻڻ پوليس جوابدارن خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي آھي. احتجاج دوران پٻڻ پوليس پھچي ڳالھيون ڪري جوابدارن جي گرفتاري جو يقين ڏاريو، جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button