پاڪستانعالمي

ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو پاڪستان کي 55 ڪروڙ 40 لک ڊالر قرض ڏيڻ جو اعلان

ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاڪستان کي 55 ڪروڙ 40 لک ڊالر قرض ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اي ڊي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان کي جيڪا رقم فراهم ڪئي ويندي، اها ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نئين سر اڏاوت ۽ موسمياتي تبديلين تي مدافعت پيدا ڪرڻ تي خرچ ٿيندي. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته منظور ٿيل رقم ۾ 30 لک ڊالر بئنڪ جي گرانٽ ۽ 47 ڪروڙ 50 لک ڊالر قرض هوندو، جڏهن ته منظور ٿيل رقم ۾ جاپان پاران 50 لک ڊالر گرانٽ به شامل آهي. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هن رقم ذريعي آبپاشي نظام جي بحالي ۽ ڊرينيج جا منصوبا مڪمل ٿيندا، اها رقم سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ ٽرانسپورٽ نظام جي بحالي جي منصوبن تي خرچ ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button