اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو، اها خواهش عمران خان سان گڏ قبر ۾ ويندي:اسحاق ڊار

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ ڊيفالٽ نه ڪندو، پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جي خواهش عمران نيازي سان گڏ قبر ۾ ويندي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته ن ليگ حڪومت جڏهن ختم ٿي ته مهانگائي 4 ڏهائي 5 سيڪڙو هئي، نون ليگ جي حڪومتي دور ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج ايشيا ۾ سڀ کان تيز گروٿ ڪري رهي هئي، عمران خان نيازي پنهنجي دور ۾ رڪارڊ قرض ورتو. پاڪستان جي ڊيفالٽ واري خواهش عمران نيازي سان گڏ قبر ۾ ويندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو، ڏيڍ سال کين اهو فيصلو ڪرڻ ۾ لڳي ويو ته آءِ ايم ايف ڏانهن وڃجي يا نه، انهن 25 هزار ارب وارو قرض 45 هزار ارب ڪري ڇڏيو. ناڻي واري وزير چيو ته اسان لاءِ اقتدار ۾ اچڻ جو فيصلو ڏکيو هو، اتحادي حڪومت سياست تي رياست کي ترجيح ڏني. هن وڌيڪ چيو ته عمران نيازي پاڪستاني کي قوم طور ڪرپٽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هو چوي ٿو ته اسان ڪرپٽ قوم آهيون ۽ وري چوي ٿو ته سيڙپڪاري ڪيو، هن رُپئي جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، هاڻي ملڪ جي ڏيوالي جون ڪوڙيون خبرون پکيڙي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button