پاڪستان

چوڌري نثار جي سياست ۾ واپسي، ايندڙ عام چونڊون وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

گهرو معاملن جي اڳوڻي وفاقي وزير چوڌري نثار علي ايندڙ عام چونڊون وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر چوڌري نثار روات ويجهو اجتماع کي خطاب ڪندي چيو ته عوام هاڻ تياري ڪري وٺي، مان چونڊن ۾ حصو وٺندس ۽ چونڊن کان پوءِ فيصلو ڪندس ته ڪهڙي پارٽي ۾ شامل ٿيڻو آهي. چوڌري نثار وڌيڪ چيو ته مون گارين جي موجوده سياست جو حصو نٿي بڻجڻ چاهيو ان ڪري گذريل چئن سالن کان خاموش هئس پر هاڻ مون قومي اسيمبلي جي ٻنهي تڪن تان چونڊون وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عوام تياري ڪري وٺي. اسان هن ڀيري نئين طريقي سان چونڊن ۾ حصو وٺنداسين. ياد رهي ته چوڌري نثار علي خان 2018 جي چونڊن ۾ آزاد حيثيت سان چونڊن ۾ حصو ورتو هو، کيس قومي تڪ تي شڪست ملي هئي پر پنجاب اسيمبلي جي سيٽ کٽي ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button