پاڪستانسنڌ

نوشهروفيروز ۾ تحفظ لا ڪراچي واسي جوڙي جو احتجاج

نوشھروفيروز: پسند جي شادي ڪندڙ ڪراچي جو جوڙو تحفظ لا نوشھروفيروز پھچي ويو، جتي صائما ۽ علي اصغر بلوچ دانهيندي ٻڌايو ته جسٽس آف پيس جي عدالت ۾ ڪجھه ڏينھن اڳ پسند جو پرڻو ڪيو آھي، جنھن بعد ڇوڪري جا عزيز ۽ اڳوڻي مڙس جا مائٽ عبدالخالق، حسن، باسط، جمال، گلاب بلوچ ۽ ٻيا مڇرجي پيا آھن ۽ کين مارڻ لا ڳولي رهيا آهن، جنھن بعد ڪراچي کان قاضي احمد آياسين ته جوابدار اتي به مارڻ لا پھچي ويا، جنھن بعد سر بچائڻ لاءِ نوشهري فيروز پهتا آهيون. هن اختيارين کان تحفظ فراھم ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button