پاڪستانپنجاب

جوهر ٽائون لاهور ڌماڪي ۾ را ملوث،3 دهشتگرد گرفتار ڪيا آهن:گهرو وزير

لاهور : وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله اي آءِ جي سي ٽي ڊي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 23 جون 2021 تي جوهر ٽائون لاهور ڌماڪي ۾ ” را ” ملوث آهي، 3 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا آهن. ڀارتي دهشتگردي وارو معاملو پرڏيهي وزارت ذريعي گڏيل قومن سامهون اٿاريو ويندو. جڏهن ته ڀارتي ايجنٽس جي گرفتاري لاءِ انٽرپول کان ريڊ وارنٽ جاري ٿي چڪا آهن. وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ۽ اي آءِ جي سي ٽي ڊي پنجاب عمران محمود لاهور ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ايڊيشنل آءِ جي جو چوڻ هو ته 23 جون تي جوهر ٽائون لاهور ۾ ڌماڪو ٿيو، اڄ تائين ڪنهن دهشتگرد تنظيم ان ڪارروائي جي ذميواري قبول نه ڪئي هئي پر اسان 16 ڪلاڪن اندر ڪيس بابت اهم ثبوت هٿ ڪري ورتا هئا. ان ڌماڪي ۾ ٽي جوابدار ملوث هئا، ٽنهي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو هو. هن چيو ته 23 هين جون 2021ع تي لاهور ۾ ٿيل دهشتگري ۾ ” را ” ملوث آهي، هڪ دهشتگرد کي هلندڙ سال اپريل ۾ بلوچستان مان گرفتار ڪيو ويو، عيد گل کي پڪڙيو ته ان سميع الحق جي نشاندهي ڪئي، سميع الحق سال 2012ع کان را لاءِ ڪم ڪري رهيو هو. هن ٻڌايو ته ڀارتي ايجنٽ سميع الحق کي بلوچستان مان گرفتار ڪيو ويو ۽ سندس اسلم، سنجي تيواري ۽ سويم سان رابطو هو، ڀارت اٺ لک 75 هزار ڊالرز چئن ڄڻن کي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ ڏنا هئا. سندس چوڻ هو ته سنجي ڪمار تيواري را جو ايجنٽ آهي ۽ انٽرپول طرفان ريڊ وارنٽ جاري ٿي چڪا آهن، وسيم حيدرخان ۽ اجمل نالي شخص جا پڻ ريڊ وارنٽس جاري ٿي چڪا آهن. ان حوالي سان وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته پاڪستان ڪيئي ڏهاڪن کان دهشتگردي جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، ڪو طبقو اهڙو ناهي جنهن قرباني پيش نه ڪئي هجي، شڪار نه ٿيو هجي، مسجدن، امام بارگاهن، اهم عمارتن ۽ جلسن، جلوسن کي نشانو بڻايو ويو، ڪهڙي به دهشتگردي هجي پٺيان ڪٿي نه ڪٿي ڀارت جو هٿ نظر ايندو آهي. هن چيو ته ڀارت دشمن ملڪ کان به اڳتي وڌي چڪو آهي، ڀارت هر قسم جي دهشتگردي کي پاڪستان ۾ پرموٽ ڪندو آهي، ايجنسيون دهشتگردي جا واضح ثبوت پڪتا آهن ۽ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ثبوت عالمي برادري آڏو پيش ڪنداسين ۽ ڀارت جو دهشتگردي وارو چهرو وائکو ڪنداسين. گهرو وزير چيو ته جن ماڻهن هتي آپريٽ ڪيو اِهي پاڪستاني آهن، حافظ سعيد جي رهائشگاهه ويجهو واقعو ٿيو، حافظ سعيد گهر موجود نه هيو، شايد خاندان کي نشانو بڻايو ويو هو، لڳي ٿو ته حافظ سعيد جي رهائشگاهه کي نشانو بڻايو ويو هو پر پوليس جي موجود سبب گاڏي حافظ سعيد جي رهائشگاهه تائين نه پهچي سگهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ننڍا وڏا نيٽ ورڪ ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٺهندا رهندا آهن، اسان جا ادارا ۽ ايجنسيون انهن جي پٺيان لڳل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button