پاڪستانسنڌ

ڊاسوڙي ۾ پرائمري گرلس اسڪول زبون، شاگردياڻين جو احتجاج

عثمان شاھه ھڙي: جهنڊو مري جي يوسي ڊاسوڙي جي قديمي ڳوٺ محمد عيسى بلوچ ۾ 1985ع دور کان قائم گورنمينٽ گرلس اسڪول جي مرمت نه ٿيڻ سبب عمارت زبون ٿي تباهه ٿي وئي، پر تعليم کاتي جي اختيارين ڪو نوٽيس ناهي ورتو. اسڪول جي شاگردياڻين ۽ ڳوٺاڻن بشير بلوچ، رحمت بلوچ، سڪندر بلوچ ۽ ٻين احتجاج ڪيو. هنن چيو ته 37 سال پراڻو اسڪول شاگردن لا خطرو آهي، اسڪول جي عمارت مڪمل طور زبون ٿي تباهه ٿي وئي آهي، اسڪول ۾ استادن ۽ شاگردن جي ويهڻ لا فرنيچر ناهي. اسڪول ۾ پيئڻ جي پاڻي، بجلي ۽ واش روم سميت ڪا سهولت ناهي، عمارت زبون ٿيڻ بعد نياڻين کي گورنمينٽ پرائمري بوائز اسڪول ۾ شفٽ ڪيو ويو آهي، پر اسڪول جي مرمت نٿي ڪرائي وڃي، جيڪو شاگردياڻين سان ظلم آهي. شاگردياڻين ۽ ڳوٺاڻن تعليم کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته پرائمري گرلس اسڪول جي مرمت ڪرائي وڌيڪ استاد، فرنيچر، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ بجلي سميت ٻيون سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button