صوفي فقير: صوفي فقير ويجھو ڳوٺ ساڍر ۾ هفتو اڳ نوجوان ناري لڇمي زال ايسر ميگھواڙ جو مبينا طور گھر اندر ڦاھو کاڌل لاش هٿ اچڻ واري معاملي بعد ناري جي ڀا منو ميگهواڙ جي فرياد تي ٽن جوابدارن ناري جي جيٺاڻي پڏڪي زال هرچند ميگھواڙ ۽ امير پٽ محسن آريسر سميت هڪ نامعلوم جوابدار تي ڍورونارو ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. منو ميگھواڙ ڄاڻايو ته منهنجي ڀيڻ کي سندس جيٺاڻي پڏڪي زال ھرچند ميگھواڙ، امير پٽ محسن آريسر ۽ ھڪ نامعلوم جوابدار ملي ڪري تشدد ڪرڻ کانپوءِ قتل ڪري لاش کي گھر جي ڪمري اندر ٽنگي ڦاھو کائڻ جو ڪوڙو ڊرامو رچايو. ٻئي پاسي پوليس ليڊيز پوليس ساڻ ڪري ڳوٺ ساڍر ۾ پڏڪي زال ھرچند ميگھواڙ جي گھر ڇاپو ھنيو، پر پڏڪي گھر ۾ موجود نه ھئي. رابطي تي ايس ايڇ او ڍورونارو ٻڌايو ته لڇمي جي وارثن ٽن جوابدارن پڏڪي زال ھرچند ميگھواڙ ۽ امير پٽ محسن آريسر سميت ھڪ نامعلوم جوابدار تي ڪيس داخل ڪرايو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close