پي ٽي آئي جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ڪرپشن ڪيسن جي ڊپ کان ڀڄندڙ سڀ ماڻهو اين آر او ٽو جي گنگا ۾ صاف ٿي رهيا آهن، نواز شريف به واپسي جون تياريون ڪري رهيو آهي اسان جي ملڪ ۾ انصاف ناهي جيڪو معاشرو ظلم ۽ ناانصافي جو مقابلو نٿو ڪري اهو مري وڃي ٿو، جڏهن پينو فقيرن وانگر گهرندا وتنداسين ته سائي پاسپورٽ جي عزت هلي وڃي ٿي، امداد وٺڻ تباهي جو رستو آهي، ڀارت آمريڪا جو اسٽريٽجڪ پارٽنر هجڻ جي باوجود روس کان 40 سيڪڙو تيل وٺي رهيو آهي پر اسان مٿان ويٺل غلام ڊڄن ٿا ته آقا ناراض نه ٿي وڃي، اسان کي اهڙو پاڪستان ٺاهڻو آهي جيڪو پنهنجن پيرن تي بيهي ۽ ڪڏهن جي به اڳيان نه جهڪي. زمان پارڪ مان وڊيو لنڪ ذريعي لاهور، راولپنڊي، ڪوئيٽا ۽ پشاور جي شاگردن کي خطاب ڪندي هن چيو ته يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي نوجوانن مان اميد آهي ته هي ملڪ کي ان سطح تي وٺي ويندا جنهن هنڌ وڃڻ گهرجي ها، پاڪستان هڪ عظيم خواب هو، اسان کي مثالي اسلامي رياست قائم ڪرڻي هئي، مديني جي رياست جي اصولن تي هڪ ملڪ بيهاري دنيا ۾ مثال بڻجڻو هو، مان چاهيان ٿو ته اوهان منهنجي زندگي جي تجربي مان سکو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سلمان شهباز ۽ شهباز شريف جا ڪيس ختم، نوازشريف به واپس اچڻ لاءِ تياريون ڪري رهيو آهي، هو نيلسن منڊيلا بڻجي ويو آهي ۽ چوي ٿو ته مون سان وڏو ظلم ٿيو آهي، آصف زرداري جا ڪيس ختم ٿي ويا، سندس ڀيڻ به پاڪ صاف ٿي وئي آهي، جنهن بابت سڄي سنڌ ڄاڻي ٿي ته ٻئي ڀاءُ ڀيڻ هر شئي تي ڪميشن وٺندا آهن، غريب ماڻهن سان ظلم آهي ته ننڍو چور جيل ۾ آهي ۽ جيڪي ملڪ جا وڏا ڌاڙيل آهن انهن کي پڪڙيو وڃي ٿو ته ٻاهر هليا وڃن ٿا ۽ پوءِ ڊيل ڪري واپس اچي ٻيهر ملڪ کي لٽين ٿا. عمران خان چيو ته مان صرف پنهنجي قوم لاءِ اوهان جي مستقبل لاءِ نڪتو آهيان ڇو ته غلامن جو ڪو به مستقبل نه آهي اوهان سڀ منهنجي لاءِ نه پر مستقبل لاءِ حقيقي آزادي جي تحريڪ ۾ شرڪت ڪريو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close