پاڪستانسنڌ

اوٻاوڙو واسي نوجوان پورهيت جو شگر مل جي تلا مان تشدد ٿيل لاش هٿ

اوٻاوڙو/ڏهرڪي: اوٻاوڙو واسي نوجوان پورهيت جو شگر مل جي تلا مان تشدد ٿيل لاش هٿ، ڊي ايس پي جون وارثن کي ڌمڪيون، احتجاج. خبر موجب اوٻاوڙو واسي 20 سالن جي نوجوان پورهيت جنيد ملڪ جو شگر مل اندر ڪيميڪل واري تلاءُ مان تشدد ٿيل لاش هٿ آيو. اهڙي اطلاع تي فوتي پورهيت جا وارث ۽ ملازم مل ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته مل انتظاميا فوتي نوجوان جي وارثن ۽ ٻين کي واقعي واري هنڌ تي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، جنهن خلاف نوجوان جي وارثن مين گيٽ آڏو احتجاج ڪيو، جنهن کان پو مل انتظاميا اوٻاوڙو پوليس کي اطلاع ڪيو. اطلاع تي ڊي ايس پي اوٻاوڙو جي اڳواڻي ۾ پوليس اهلڪارن واقعي واري هنڌ پهچي فوتي پورهيت جي وارثن کي گيٽ خالي ڪرڻ جو چيو، جنهن بعد ملڪ برادري جي ماڻهن پاران ڊي ايس پي آڏو احتجاج ڪندي چيو ته جيستائين اسان کي واقعي واري هنڌ نه ڇڏيو ويندو تيستائين اسان شگر مل جو گيٽ خالي نه ڪنداسين، جنهن تي ڊي ايس پي اوٻاوڙو مٺل ککراڻي پورهيت جي وارثن کي انصاف فراهم ڪرڻ جون خاطريون ڪرائڻ بدارن الٽو گيٽ خالي نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جا داٻاَ ڏنا. جڏهن ته پوليس ۽ فوتي پورهيت جي وارثن ۾ ڇڪتاڻ بعد نيٺ پوليس پورهيت جي وارثن کي مل ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي فوتي پورهيت جنيد ملڪ جو لاش کڻائي اوٻاوڙو جي سرڪاري اسپتال پهچايو، جتي ضروري ڪارروائي بعد کيس لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي جنيد ملڪ جي وارثن ٻڌايو ته جنيد ملڪ الائنس شگر مل ۾ ڊيوٽي ڪندو آهي، جيڪو 2 ڏينهن گهر مان الائنس شگر مل ۾ ڊيوٽي تي وڃڻ جو چئي ويو ته گهر واپس نه موٽيو، جنهن بعد اسان گهڻي ڳولا ڪئي پر اڄ شگر مل اندر ڪيميڪل واري تلاءَ مان تشدد ٿيل لاش مليو آهي. هنن چيو ته مل انتظاميا ۽ پوليس اسان کي واقعي بابت ٻڌائڻ بدران ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، نوجوان جنيد ملڪ کي مل اندر جنسي تشدد بعد بيدري سان قتل ڪري لاش زهريلي ڪيميڪل واري تلاءَ ۾ اڇلايو ويو آهي ته جيئن لاش پاڻي ۾ ڳري ختم ٿي وڃي. هنن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جيند ملڪ جي قتل جو ڪيس مل انتظاميا مٿان داخل ڪري قاتلن کي وائکو ڪيو وڃي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي اوٻاوڙو پوليس ٻڌايو ته پورهيت جنيد ملڪ جي مل اندر ڪيميڪل جي تلاءَ مان لاش ملڻ جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌان لاش کڻائي سرڪاري اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوليس شگر مل مان سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪري جاج شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻي طرف لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button