ڪراچي: سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ سرڪاري فنڊن جي استعمال ۾ گهوٻين جي نشاندهي جي آڊيٽر جنرل پاڪستان جي رپورٽ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وئي. آڊٽ رپورٽ موجب سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ ايئر فريشنر ۽ فيوميگيشن تي لکين رپيا خرچ ڪيا ويا. وال فريم 9 لک رپين جو خريد ڪيو ويو، مرمت تي سنڌ هائوس جي گاڏين جي فيول جي مد ۾ هڪ ڪروڙ رپيا خرچ ڏيکاريا ويا، ڪي اويا فيول وٺندڙ ڪيتريون ئي گاڏيون سنڌ هائوس جي استعمال هيٺ نه آهن. سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ ويهاڻن ۽ ڪمبل جي خريداري تي لکين رپيا خرچ ڪيا ويا، ٻين صوبن جو ڊوميسائيل رکندڙ ماڻهن کي سنڌ هائوس ۾ ڀرتي ڪيو ويو. آڊٽ رپورٽ مطابق گورنر، وڏي وزير ۽ ٻين جي ڪمرن ۾ جيت مار اسپري تي 7 لک رپين جو خرچ ٿيو. سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ هڪ پردي کي ڌوئڻ جي رقم 7500 رپيا، 6 لک رپيا سمورن پردن کي ڌوئي صاف ڪرڻ تي خرچ ٿيا. صفائي لاءِ 5 لک رپين جو ڊٽرجنٽ پائوڊر ڌار خريد ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close