رانديون

انگلينڊ 354 رنسن تي آئوٽ، بروڪ 125 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي وڌو

انگلينڊ جي ٽيم ڪراچي ٽيسٽ ۾ 354 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي، جنهن ۾ پاڪستاني بالرن ابرار احمد ۽ نعمان علي 4،4 وڪيٽون وٺي پاڻ مڃائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق ڪراچي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن تي 354 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ انگلش بيٽرن مان هيري بروڪ 111، بين فوڪس 64، اولي پوپ 51، مارڪ ووڊ 35 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جڏهن تھ انگلينڊ جي هيري بروڪ سينچري ٺاهي شروعاتي 6 اننگز ۾ 465 رنسن سان 125 سال اڳ 1897ع ۾ ڪمار رنجيت جو 418 رنسن وارو ٺهيل رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. پاڪستاني بالرن مان نعمان علي 4 ۽ ابرار احمد 4 وڪيٽون وٺي انگلينڊ کي وڏو اسڪور ڪرڻ نھ ڏنو آهي. هوڏانهن پاڪستاني ٽيم پهرين اننگز ۾ نقصان ٿيڻ بنا 21 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، جنهن ۾ عبدالله شفيق 14 ۽ شان مسعود 3 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button