رانديون

ڀارت هٿان بنگلاديش کي پهرين ٽيسٽ ۾ 188 رنسن تان شڪست

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽيسٽ ۾ بنگلاديش کي 188 رنسن تان شڪست ڏئي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پهچڻ واري ڊوڙ ۾ ٻيهر شامل ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق بنگلاديش جي ٽيم ٻي اننگز ۾ 513 جي هدف کي ماڻڻ جي ڪوشش ۾ 324 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي آهي. جڏهن تھ ذڪر حسين جي ڊيبيو سينچري بھ ٽيم جي ڪم نھ اچي سگهي آهي. ڀارت جي اڪشر پٽيل 4 ۽ ڪلديپ يادو 3 وڪيٽون ورتيون آهن. ڀارت پهرين اننگز ۾ 404 ۽ ٻي اننگز ۾ 2 وڪيٽن تي 258 رنسن تي اننگز ڊڪليئر ڪئي. جڏهن تھ بنگلاديش پهرين اننگز ۾ 150 ۽ ٻي ۾ 324 رنسون ڪيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button