رانديون

آسٽريليا ٻن ڏينهن اندر پهرين ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريقا کي هارائي ڇڏيو

آسٽريليا رڳو ٻن ڏينهن اندر پهرين ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريقا کي شڪست ڏئي ڪرڪيٽ جي مداحن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق برسبين ۾ ٻن مضبوط ٽيمن جا 34 بيٽر ٻن ڏينهن ۾ آئوٽ ٿيڻ تي تماشائي بھ حيران ٿي ويا آهن، ماهرن جو چوڻ هو تھ برسبين جو ميدان بيٽرن جي قبرستان جيان ثابت ٿيو آهي. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم ٻي اننگز ۾ 99 رنسن تي ڍير ٿي وئي آهي، جنهن ۾ آسٽريليا جو پيٽ ڪمنز 5 وڪيٽون وٺي اهم ڪردار ادا ڪيو.

جڏهن تھ مچل اسٽارڪ ۽ اسڪاٽ بولينڊ 2،2 وڪيٽون ورتيون آهن. جڏهن تھ آسٽريليا بھ 34 رنسن جو هدف 5 وڪيٽون وڃائي حاصل ڪيو. ٽريوس هيڊ 92 رنسن سان پليئر آف ميچ قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن تھ ٻي اننگز ۾ ڪيگاسو ربادا بھ 4 شڪار ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button