پاڪستانسنڌ

ڪنب ۾ صحافين کي ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاجي ريلي

ڪنب: ڪنب جي صحافين نويد تمراڻي ۽ رجب ملاح کي ڌمڪيون ملڻ خلاف صحافين مريد حسين راڄپر، ناز سولنگي، مشتاق شيخ، نويد تمراڻي، صفدر چانڊيو، توفيق لنڊ، رجب ملاح، وحيد ڄامڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي ڪڍي مک چوڪ تي پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي صحافين چيو ته حق سچ لکڻ تي ٽائون ايڊمنسٽريٽر اصغر وساڻ صحافي نويد تمراڻي کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون آهن. عيدگاهه جي رستي تي قبضو ڪري دڪان تعمير ڪرڻ جي ڪوريج ڪرڻ تان قبضا مافيا صحافي رجب ملاح کي گهر تي اچي ڌمڪيون ڏنيون. هنن چيو ته صحافين کي هيسائڻ ۽ ڌمڪائڻ جي ڪوشش آزاد صحافت کي دٻائڻ جي ڪوشش آھي. ڌمڪين جو چونڊيل نمائندن توڙي انتظاميا ڪو نوٽيس ناهي ورتو. هنن ڊي سي خيرپور ۽ لوڪل گورنمينٽ جي اختيارين کان گهر ڪئي ته نااهل ٽائون ايڊمنسٽريٽر اصغر وساڻ کي هٽائي قبضا مافيا خلاف ڪارروائي ڪري صحافين کي تحفظ ڏنو وڃي. احتجاج ۾ صحافين ذاڪر تمراڻي، خدابخش تمراڻي، همت تمراڻي، بخش علي شنباڻي، ساجد راڄپر، انور شيخ، وحيد کوکر، لالو گوپانگ، فريد سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button