پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ رهواسي ايس ايڇ او خلاف روڊن تي نڪري آيا، 5 ڪلاڪ ڌرڻو

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ۾ ايس ايڇ او جي زيادتين خلاف مختلف برادرين بجير، خاصخيلي ۽ ميگهواڙ برادري جا ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، جن ڦُلو بجير، اسلم، سومار، ميٺو، آچار، خميسو، رائمل ميگهواڙ، پرويز ميگهواڙ، عرس خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صبح سوير پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، جنهن بعد ٽائون موڙ وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ پوليس زيادتين خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ڌرڻي سبب مٺي-اسلام ڪوٽ روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. 5 ڪلاڪ مسلسل ڌرڻي سبب شهرين کي سخت تڪليف ٿي. 5 ڪلاڪن بعد ضلعي انتظاميا جي نوٽيس وٺڻ بعد ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ قادربخش بهراڻي ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري معذرت ڪئي ۽ ڌرڻو ختم ڪرايو. مظاهرين ڳالهائيندي چيو ته ايس ايڇ او قادربخش جي مقرري بعد شهر ۾ چورين سميت هر ڏوهھ ۾ اضافو ٿيو آهي. ڦلو بجير چيو ته گذريل ڏينهن ايس ايڇ او اسان کي پلاٽ جي معاملي تي ٿاڻي تي گهرائي اسان جي مخالف جي چوڻ تي رشوت وٺي دٻا وجهي منهنجي پٽ تي منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري کيس لاڪپ ڪري ڇڏيو، جيڪا سراسر ناانصافي آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو. هوڏانهن خاصخيلي برادري جي ماڻهن دانهيندي چيو ته پوليس پاران نوجوان کي بناجواز گرفتار ڪري مٿس منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ وڏو ظلم آهي. شهري رائمل ميگهواڙ چيو ته 2 مھينا اڳ گھر مان چوري ٿي. چور 5 تولا سون، چاندي جا زيور ۽ 80 ھزار روڪ رقم کڻي ويا، چوري ۾ گرفتار جوابدار وٽان مليل سامان ۽ رقم ايس ايڇ او ھڙپ ڪري گرفتار جوابدار کي منشيات ڪيس ۾ چالان ڪيو. هن گهر ڪئي ته چور کان هٿ ڪيل زيور ۽ رقم واپس ڪرائي وڃي. مظاهرين وڌيڪ چيو ته ايس ايڇ او رڻ ٻاري ڏنو آهي، اصل ڏوهارين کي ڇڏي غريب پورهيو ڪندڙ ماڻهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي ظلم ڪري پيو. هنن ڊي آئي جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ايس ايڇ او کي هٽائي ايماندار کي ايس ايڇ او کي مقرر ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button