پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ بدين واسي زال مڙس جو ڌي جي بازيابي لا احتجاج

جهڏو: ضلعي بدين جي وارڊ نمبر 5 گوپانگ پاڙي جي رھواسين پيرسن هڪو راوڙو ۽ سندس زال جنان راوڙو ميڊيا سينٽر جهڏو پهچي احتجاج ڪيو. هنن چيو ته 3 مهينا اڳ ٻوڏ دوران گهرن ۾ پاڻي اچڻ سبب پير چوڪ بائي پاس تي ويٺل هئاسين، جتان نوجوان ڌيءَ 17 سالن جي پالو راوڙو گهر جو سامان وٺڻ لاءِ گهران نڪتي، جنهن بعد هو واپس نه موٽي، ڪافي ڳولا بعد اسان حد جي پوليس اسٽيشن تي ڌيءَ جي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي، نياڻي جي ڳولا لاءِ مسلسل 3 مهينن کان مختلف شهرن ۾ دربدر ٿي رهيا آهيون، پر ھيل تائين هن جو ڪوبه ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي، جنهن سبب سخت پريشان آھيون. هنن چيو ته اسان کي شڪ آهي ته ڪنهن بااثر ماڻهو نياڻي کي ورغلائي اغوا ڪيو آهي. هنن ايس ايس پي بدين کي اپيل ڪئي ته نوجوان نياڻي جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button